اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبر جي علائقي تيراهه ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ان??يلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪامياب آپريشن ڪري فتنه الخوارج جي 25 دهشتگردن کي ماريو. آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ 4 سپاهين جي قربا??ي کي سلام پيش ڪريون ٿا. ڪامياب آپريشن دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويو. سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو.