اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ب??وچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ مسافر بس تي دهشتگرد حملي تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي مغفرت جي لاءِ د??ا ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم مقامي انتظاميا کي پونئيرن سان مڪ??ل تعاون ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي جي فوري جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته ان واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي سزائون ڏنيون وينديون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي قطعي طور تي قبول نه آهي، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪ??ل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.