اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ب??نا راست منصوبو اهميت وارو آهي، وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ معيشت بهتري طرف گامزن آهي، ملڪ ۾ ميڪرو استحڪام اچي رهيو آهي، پاڪستاني روپئي جو قدر مستحڪم ٿي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ب??نا راست ڪنيڪٽيوٽي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۽ سيڙپڪ??رن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. اسان جو ڊجيٽل اڪنامي طرف وڌڻ سٺو سنئوڻ آهي، توانائي جي شعبي ۽ ٽيڪس نظام ۾ س??ار?? لاءِ پرعزم آهيون، ب??نا راست سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پنهنجي پي??رن کي آساني سان رقم منتقل ڪري سگهندا. هن چيو ته پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪيو ۽ سمورا معاشي اهڃاڻ مثبت رجحان ڏيکاري رهيا آهن، هن وقت ملڪ معاشي استحڪام جي مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ حڪومت سٺي اقتصادي بنياد سان پائيدار اقتصادي ترقي جي راهه طرف گامزن ٿيندي. هن چيو ته سمورا اقتصادي اهڃاڻ پرڏيهي ذخيرن ۽ ورڪرز جي رسد، پاليسي ريٽ، مٽاسٽا جي شرح، محصولن جي وصولي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سميت جاڙا خسارا مثبت وڃي رهيا آهن جيڪي ترقي طرف گامزن آهن، هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي سيڙپڪ??رن جو پاڪستاني معيشت تي اعتماد وڌي رهيو آهي، محمد اورنگزيب چيو ته اسان وٽ ٻن مهينن جو امپورٽ ڪور آهي ۽ ايڪسچينج ريٽ به مستحڪم آهي. هن چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران پرڏيه?? ڪمپنيون ۽ امڪاني سيڙپڪار معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيا آهن، وزير چيو ته حڪومت ڊجيٽل معيشت ت?? ڪم ڪري رهي آهي ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن ذريعي اسان مقامي معيشت کي دستاويزي بڻائڻ کي ترجيح ڏيون ٿا، هن چيو ته حڪومت دانشمنداڻي معاشي پاليسين ۽ س??ار?? ۽ انتظامي قدمن سبب ملڪ کي جولاءِ 2024ع جي آخري مهيني ۾ 3 بلين ڊلرن جو پرڏيهي ناڻو مليو. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس ۽ توانائي جي س??ار?? کي ترجيح ڏني ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارڊز ۾ سمورا ڍانچا جاتي سڌارا به شامل آهن. وزير چيو ته ب??نا راست ڪنيڪٽيوٽي پراجيڪٽ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ هڪ مثالي منصوبو آهي، جيڪو پئسين جي قانوني ڏي وٺ ۽ ملڪ ۾ ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ جو هڪ وڏو ذريعو به آهي، هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي حڪومتي ويزن 2030ع جي به توثيق ڪئي آهي ۽ پاڪستان ۾ پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ هن اقتصادي ويزن مان سبق سکيو آهي. ب??نا سرحد پار ادائيگي جو نظام آهي جيڪو عرب ريجنل پيمنٽس ڪليئرنگ اينڊ سيٽلمينٽ آرگنائيزيشن ذريعي هلايو ويندو آهي، جنهن جي ملڪيت دي عرب مانيٽري فنڊ وٽ آهي. ب??نا جو مقصد عرب خطي ۽ ان کان ٻاهر مالياتي اد??رن ۽ مرڪزي بئنڪن کي مقامي ڪرنسي سان گڏوگڏ اهم عالمي ڪرنسين ۾ محفوظ، لاگت کان موثر، خطري تي ضابطو آڻيندڙ ۽ شفاف ماحول ۾ ادائيگيون موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. ب??نا شرڪت ڪندڙن کي ادائيگي جو جديد حل پيش ڪري ٿو جيڪو عالمي معيارن، اصولن ۽ تعميل جي گهرجن جي تعميل ڪري ٿو.