ڪراچي-19 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ملڪ جي بندرگاهن جي موثر استعمال ۽ صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اها ڳالهه سومر ڏينهن مقامي ه??ٽل ۾ لاجسٽڪس، ميري ٽائم افيئرز ۽ بليو اڪانومي جي موضوع تي منعقد هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بندرگاهن جو موثر استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪي معيشت کي مستحڪ?? ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار ۾ به اضافو ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۽ پورٽ قاسم (پي ڪيو) ۾ وڌيڪ صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته بندرگاهن جي گهرائي وڌائڻ لاءِ ڊريجنگ جي سهولت فراه?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان سان اسان جي مٽا سٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته سمورن ڪارگو هينڊلنگ ڪي پي ٽي ۾ ڪرڻ ۽ پوءِ هتان کان ننڍن جهازن ۾ ڪارگو گوادر ۽ پورٽ قاسم موڪلڻ جي تجويز ق??بل عمل آهي. ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت سيڙپڪاري جا موقعا فراه?? ڪري رهي آهي ۽ سيڙپڪارن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جون سموريون بندرگاهون فعال آهن ۽ ڪنهن به بندرگاه کي بند نه ڪيو پيو وڃ??. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر ڪنهن کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو جنهن سان معيشت جو استحڪام ۽ ملڪ جي ترقي ۾ مدد ملندي.