اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي دوري تي ??يل ايشيا ۾ رابطي ۽ اعتمادسازي جي قدم?? تي ڪانفرنس (سيڪا) جي سيڪريٽري جنرل سفير ڪيرات س??يب?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ايشيا ۾ گڏيل ۽ ٺوس تعاو?? تي ٻڌل ۽ پائيدار سلامتي جي لاءِ سيڪا جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ت??را??ن جي روڪٿام، مقامي ت??را??ن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ سيڪا خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم اڀرندڙ عالمي چئلينجز ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ روڪٿام جي سفارتڪاري، گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سيڪا جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ نائب وزيراعظم کي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ مستقبل جي موقف کان آگاهه ڪيو.