اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ قوم کي اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي، ??ڪومت ۽ آئيني ادارن جي وچ ۾ پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ حصيداري مستقبل جي لاءِ رول ماڊل آهي، قرآن ڪريم جي حڪمن تي عمل پيرا ٿي ئي ڪاميابي ملندي، ??وشل ميڊيا تي حقيقتن کي جهڙي طرح مسخ ڪيو وڃي ٿو اهو فڪر جو لمحو آهي، ??وامي مفاد جي سياست ڪوڙي پروپئگنڊه جي ور چڙهي رهي آهي. علماءِ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سپهه سالار قرآن ڪريم جي روشني، ??لله تعاليٰ جي حڪمن ۽ نبي ڪريم ﷺ جي ارشاد پاڪ جي تابع هڪ جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ??ها سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي، ??الم سڳورا قرآن ۽ سنت جي حوالي سان منبر تان ڏينهن رات ڳالهائين ٿا جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته 14 آگسٽ تي اسان 77هون آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ ولولي سان ملهائينداسين، ان جي لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن قائداعظم جي قيادت ۾ عظيم تحريڪ هلائي، لکين ماڻهن رت جا درياءَ عبور ڪيا تڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو. وزيراعظم چيو ته جيتري قوم کي اڄ قومي يڪجهتي ۽ اتحاد جي ضرورت آهي، ??ڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي، ??ياسي حڪومت ۽ آئيني ادارن جي وچ ۾ جيترو تعاون موجوده وقت ۾ آهي، ماضي ۾ پنهنجي سياسي زندگي ۾ نه ڏٺو، سياسي حڪومت ۽ سپهه سالار جا بهترين لاڳاپا پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ آهن، اهي اڳتي جي لاءِ هڪ رول ماڊل آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان کي سنگين مالي حالتون درپيش آهن، پاڪستان کي درپيش سماجي ۽ معاشي چئلينجز جو حل ڪڍڻو آهي. هن چيو ته ماضي جي سياست يا ڪنهن ليڊر جي حوالي سان ڳالهه نه ڪندس جڏهن ته جيڪڏهن 77 سالن ۾ گڏيل ڪاميابين کي پڻ سامهون رکڻ گهرجي، ??سان کي پنهنجي ماضي مان سبق حاصل ڪري ڏينهن رات محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان کي ان مقام تي آڻي بيهاريون جنهن جي لاءِ هي ملڪ وجود ۾ آيو هو ۽ جنهن جي لاءِ اسان جي ڏاهن ۽ ابن ڏاڏن عظيم قربانيون ??نيون هيون. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان اسان اڄ به اهو مقام حاصل نه ڪري سگهياسين جيڪو نه ڪرڻ گهرجي ها جڏهن ته ماضي کي وساري اسان اڄ به تيار ٿيون ۽ قرآن ڪريم جي روشني ۾ زندگي گذارڻ جو ارادو ڪريون ته اسان پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ بهترين مقام ڏياري سگهون ٿا، ائين تڏهن ئي ممڪن ٿيندو ته فتنه الخوارج جو خاتمو ٿئي، ??نهن اسلامي تاريخ ۾ تباهي آڻيندڙ ڪردار ادا ڪيو هو، اسان کي اسلامي تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻو آهي، پاڪستاني هجڻ جو ويس اوڍي ملڪ دشمني ڪندڙن کي سڃاڻڻو پوندو اسان جي اهي آڏو آهن، انهن جو مقابلو ڪرڻو آهي، ڀلي سوشل ميڊيا جي ذريعي هجي يا ڪنهن ٻئي ذريعي سان. وزيراعظم چيو ته هن ملڪ جي اندر عوامي خدمت جي سياست جي نالي کي 2018ع کانپوءِ ڪا پذيرائي نه ٿي، ??وشل ميڊيا تي ڪوڙ حقيقتن کي مسخ ڪيو وڃي ٿو، گارگند جي بازار گرم آهي، ??ن ادارن پاڪستان جي دفاع ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ قربانيون ??نيون، پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري ڪروڙين ٻارن کي يتيم ٿي?? کان بچايو، انهن جي سوشل ميڊيا تي ٽارگيٽ ڪيو، 9 مئي کان وڌيڪ دل کي ڌوڏيندڙ واقعو پاڪستان ۾ ڪو ناهي ٿيو، 1971ع ۾ پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿيو، انهن ڪردارن جي خلاف اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ورڇ جي سياست جي خاتمي جي لاءِ معتبر آواز عالم سڳورن جو ٿي سگهي ٿو، اسان کي پنهنجي ذاتي اختلافن ۾ پئجي وقت ضايع ڪرڻ بدران پنهنجي ذميواري جو احساس ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عالم سڳورن تي تمام وڏي ذميواري آهي ته اهڙي ورڇ جو خاتمو ڪرايون ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف وٺـي وڃڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اسان هر جڳهه تي اهو ئي چيو ته قرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، ??ن ڄار مان آزادي حاصل ڪرڻ آسان نه آهي جڏهن ته اسان کي عزت جي زندگي گذارڻ ۽ پاڪستان کي عظيم بڻائڻ جي لاءِ قرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، ??يڪڏهن اسان عزم ڪري وٺون ته وڏي کان وڏي رڪاوٽ اسان جي رستي ۾ نٿي اچي سگهي، ??ن ۾ عالم سڳورن جو وڏو ڪردار آهي. وزيراعظم چيو ته اسلامي معاشي نظام تي عالم سڳورا بهترين روشني وجهي سگهن ٿا، اسان کي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام کڻي اڳتي وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ وڃڻ ڪا خوشي جي ڳالهه نه آهي، ??سان کي اهڙيون اسڪيمون ٺا??ڻي??ن پونديون ته جيئن ملڪ جي ترقي ۾ هر شهري پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي، ??سان ايف بي آر ۽ پاور سيڪٽر جي بهتري جي لاءِ ڏينهن رات مصروف آهيون، حڪومت ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ??ري رهيا آهيون، اسان قرض بدران سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي، ??هڙي طرح پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو، اسان ترقياتي بجيٽ مان 50 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪري 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي ريليف ڏنو، عام ماڻهو کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ اتحادي حڪومت جامع منصوبابندي ڪري رهي آهي، ??يليف فراهم جي حوالي سان آرمي چيف سان پڻ مشاورت جاري آهي، ??سان کي پنهنجي وسيلن ۾ اضافو ڪرڻو آهي.