اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پاڪ??تا?? انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پيپس) جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پيپس جي قيام جو مقصد پارليامينٽ کي قانوني ۽ فني معاملن ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. موثر عوامي قانونسازي جو مل??ي ترجيحن ۽ ترقي سان گهرو تعلق آهي. قومي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ نهايت اهميت وارو آهي. شفافيت کي برقرار رکڻ ۽ پرفارمنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پارٽي فنانشل ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪرايو ويندو. اسپيڪر چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير اسيمبلي ۽ گلگت بلت??تا?? اسيمبلي جي اسپڪرز کي به گورننگ بورڊ جو مستقل ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان به ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، بلوچ??تا?? اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق خان، خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، آزاد ڄمون ڪشمير جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلت??تا?? اسيمبلي جي اسپيڪر نذير احمد کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري، بلال اظهر ڪياني، وجيه قمر، خورشيد احمد جوڻيجو، ??هت??ب اڪبر راشدي، زرتاج گل ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي.