شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ چين جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي چيني ڪمپني ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ مع??هدي تي صحيحون ڪيون ويون، چيئرمين هواوي پاڪست??ن جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته وزيراعظم هواوي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ پاڪست??ن جي مختلف شهرن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب هواوي جي هيڊڪوارٽر اچڻ تي هواوي جي چيئرمين ليانگ هوا وزيراعظم شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو. هواوي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي پاڪستاني ملي نغما وڄايا ويا. وزيراعظم هواوي هيڊڪوارٽر ۾ ايگزيبيشن سينٽر جو دورو ڪيو. چيئرمين هواوي وزيراعظم کي هواوي جي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ آپريشنز بابت آگاهه ڪيو ۽ پاڪست??ن جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هواوي جي آپريشنز جي جدت کي ساراهيو ۽ هواوي کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ترغيب ڏني. نمائشي مرڪز ۾ وزيراعظم کي مختلف شعبن خاص طور تي اي گورننس، ڊيجيٽل بئنڪنگ، ٽيلي ڪميونيڪشن، مصنوعي ذهانت جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هواوي جي تعاون سان پاڪستان ۾ ٺهندڙ سيف سٽي منصوبن کي ساراهيو. بعد ۾ وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي چيئرمين هواوي سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم هواوي جي چيئرمين کي حڪومت جي پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي جي فروغ ۽ ڪاروبار جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم هواوي کي پاڪست??ن جي مختلف شهرن خاص طور تي اهڙا شهر جن ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري آهي انهن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم چيو ته حڪومت سرڪاري آفيسن کي ترجيحي بنيادن تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي نظام، اي گورننس، مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ هواوي جهڙي وڏي ڪمپني جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم شهباز شريف هواوي جي چيئرمن کي پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪا??ي جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم هواوي جي چيئرمين کي جلد پاڪست??ن جي دو??ي جي پڻ دعوت ڏني. بعد ۾ وزيراعظم هواوي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ مع??هدي تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. فريم ورڪ ايگريمينٽ تحت هواوي پاڪست??ن جي 2 لک نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي بشمول مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ مفت تربيت فراهم ڪندو. ان کانسواءِ هواوي پاڪستان ۾ سيف سٽيز قائم ڪرڻ، اي گورننس ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪندو. هواوي جي چيئرمين وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.