رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي، بل گيٽس پ??جاب ۾ بطور وڏي وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽُڪن ۽ پوليو جي حفاظتي ??ُڙ?? جي پروگرام کي ساراهيندي ان ??رز جي پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي تجويز ڏني جڏهن ته وز??را??ظم پاڪستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بل گيٽس سان گڏجي ڪ?? جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن عالمي اقتصادي فورم جي هڪ اعليٰ سطحي پينل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن جو عنوان ”عالمي صحت جي ايجنڊا جي نئين وصف“ هو. وز??را??ظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي بل گيٽس جي مبارڪباد واري خط تي سندس ٿورا مڃيا. پنهنجي حڪومت جي اڳوڻي دور دوران بل گيٽس سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم پاڪستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بل گيٽس سان گڏجي ڪ?? جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهيون. هن پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ پراڻي تعاون تي بي ايم جي ايف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پوليو کان پاڪ پاڪستان جي حتمي مقصد تائين پهچڻ جي لاءِ سمورن حصيدارن پاران مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. بلگ يٽس پ??جاب ۾ بطور وڏي وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽيڪن ۽ پوليو جي حفاظتي ??ُڙ?? جي پروگرام کي ساراهيندي ان ??رز عمل کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي تجويز ڏني. بل گيٽس پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو جو خاتمو مستقبل جي نسلن کي هن موذي مرض کان بچائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. وز??را??ظم ۽ بل گيٽس پاڪستان ۽ فائونڊيشن جي وچ ۾ حفاظتي ٽُڪن، غذائيت ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ جاري سرگرمين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??را??ظم چيو ته گيٽس فائونڊيشن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي ۽ آءِ ٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سميت ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري ٿو. فيبروري 2022ع جي مسٽر گيٽس جي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي، وز??را??ظم کيس پ??هنجي سهولت موجب پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.