اسلام ??باد – 19 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??يو آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود جي قيادت ۾ سعودي وفد هلندڙ هفتي اسلام ??باد جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ مڪه المڪرمه ۾ ٿيندڙ تازي ملاقات ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي پيروي ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه کي تيز ڪرڻ هو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ ??يو ته ٻنهي پرڏيهي و??ير?? جي گڏيل صدارت ۾ ٿيندڙ ”سعودي عرب پاڪستان سيڙپڪاري ڪانفرنس“ ۾ ڌرين توانائي، کاڻين جي کوٽائي، زراعت، انفارميشن ٽ??ڪنالاجي، تعميرات، انساني وسيلن جي ترقي ۽ روانگي واپار جهڙن مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان ??يو ته سيڙپڪاري ڪانفرنس جو مقصد پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ هو. هن ??يو ته اسان پنهنجي اقتصادي ۽ تزويراتي حصيداري کي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان پنهنجي تعميري مصروفيتون جاري رکنداسين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ ??يو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي و??ير?? عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ??يو ته ٻنهي پرڏيهي و??ير?? خطي ۾ وڌندڙ عدم استحڪام ??ي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه ۾ گهيريل ماڻهن جي لاءِ بنا ??نڊ?? انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو.