اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) سم??ت سم??رين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو نائون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير?? نگران وفاقي ڪابينا جي م??مبرن، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جاري م??صوبن، پاليسي قدمن ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ايپڪس ڪميٽي انهن منصوبن ۽ پاليسي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مجموعي حڪومتي حڪمت عملي تحت مقرر ڪيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪميٽي م??ڪ جي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جو مجموعي طور تي جائزو ورتو ۽ انهن جي ڪاميابي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪميٽي م??ڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ان جي صلاحيت کي ??رپ??ر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ قدمن، افرادي قوت جي ترقي، مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ مقامي تڪرارن جي حل لاءِ موثر طريقيڪار سان هڪ پائيدار نظام ٺاهڻ کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي دوست ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن تي اڳڀرائي جو جائزوو ٺندي انهن پاران سيڙپڪاري مان ??رپ??ر فائدو کڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ڪنالز ويزن 2030ع ۽ ايف بي آر سڌارن جي م??ظوري ڏني. آرمي چيف پاڪ فوج پاران ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن جي ??رپ??ر ساٿ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل، سم??رين وزارتن، ادارن ۽ سم??رين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪومت جي معاونت ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ عمده مثال قائم ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي.