اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز کي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ روڊ شوز منعقد ڪيا وڃن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي سيڙپڪاري جي ??رغيب ڏني وڃي. اها هدايت هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي ??فير مسعود خان ۽ برطانيا ۾ پاڪستان جي هائي ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل سان ڳالهائيندي ڪئي جن ساڻس ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ مسعود خان ۽ ڊاڪٽر محمد فيصل نگران وزيراعظم کي پنهنجي مشنز جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ نگران وزيراعظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايت ورتيون. نگران وزيراعظم ??نه?? سفارتڪارن کي پنهنجي مشن ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي موثر طور تي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم ??نه?? سفارتڪارن کي عالمي سطح تي معاشي حصيداري جي نئين ۽ منفرد موقعن جي نشاندهي ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتڪار ايس آئي ايف سي جي پليٽ ف??رم تحت شروع ڪيل منصوبن جي لاءِ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ روڊ شوز منعقد ڪن. هن چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو قومي اثاثو آهن، پاڪستاني سفارتخانا اوورسيز پاڪستانين کي قونصلر جي ??طح تي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اوورسيز پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??رغيب ڏني وڃي.