اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي اختيارن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، هو ڪو بنيادي فيصلو نه ٿو ??ري سگهي. سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جي جواب ?? مرتضيٰ سولنگي ايوان کي ٻڌايو ته ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي مقرري نگران حڪومت ناهي ڪئي، ان جي مقرري اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ٿي هئي، هو اڳ ۾ به ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رهي چڪو آهي، نگران حڪومت ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي اختيارن کي محدود ڪيو آهي ۽ کيس هدايت ڪئي آهي ته هو ڪو بنيادي فيصلو نه ٿو ??ري سگهي ۽ ان سان گڏوگڏ اليڪ??ن جو به حڪم ڏنو ويو آهي.