اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته 8 فيبروري تي عام چونڊون منعقد ٿيڻ تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، 9 مئي کانپوءِ رياستي ڏاڍ جو ڪو ثبوت سامهون ناهي آيو، اهو رڳو الزام آهي، نگران حڪومت قومي معيشت بهتر بڻائڻ جي لاءِ محدود مينڊيٽ ۾ رهندي جيڪو ممڪن آهي، ڪري رهي آهي، باقي ڪم ايندڙ حڪومت ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”انڊپينڊنٽ اردو“ کي ڏنل خصوصي ا??ٽرويو ۾ ڪيو. چونڊن بابت هڪ سوال ج?? جواب ۾ هن چي?? ته مون کي يقين آهي ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون، ان حوالي سان قوم کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪي?? ته ايندڙ عام چونڊون آزاداڻيون ٿينديون، اسان چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهيون. هڪ ٻئي سوال ج?? جواب ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته ماڻهو مختلف سياسي تجزيا پيش ڪندا رهندا آهن، ڪن??ن اڳواڻ جي مقبوليت ڪيتري آهي ا?? جو اندازو عام چونڊن ۾ ٿي ويندو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي پارٽي جي چونڊن ۾ حصو ??ٺڻ تي پابندي جي حوالي سان سوال ج?? جواب ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته اڃا تائين ان تي ڪا پابندي نه آهي. مستقبل ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي ا?? بابت هو هينئر ڪجهه نٿو چئي سگهي. في ا??حال اڳوڻو وزيراعظم چونڊون وڙهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي مبينا گمشدگين، منظرعام تي اچڻ ۽ سياست ڇڏڻ جي اعلانن جي حوالي سان سوال ج?? جواب ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ٿيا جنهن کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو روپوش ٿي ويا، ان روپوشي دوران ڪن??ن غور فڪر جي نتيجي ۾ پي ٽي آئي يا سياست ڇڏي ڏيڻ، انهن ماڻهن جو ذاتي فيصلو آهي. ان بابت هو ڪجهه چوڻ کان قاصر آهي جڏهن ته هن واضح ڪي?? ته انهن سان رياستي ڏاڍ جو ڪو ثبوت سامهون ناهي آيو، نه ئي ڪن??ن رياستي ڏاڍ جي ڳالهه ڪئي، اهو رڳو الزامن جي حد تائين آهي. نگران وزيراعظم ليول پليئنگ فيلڊ نه هجڻ جي ا??زامن کي به رد ڪيو. نگران وزيراعظم نگران حڪومت جي قومي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش تي اطمينان جو اظهار ڪندي چي?? ته نگران حڪومت وٽ هڪ محدود مينڊيٽ آهي ۽ ان ۾ رهندي هو جيڪو ڪم ڪري سگهندا، ڪندا، باقي ڪم ايندڙ حڪومت جي لاءِ ڇڏي ويندا. پي آئي ا?? جي نجڪاري جي پٺيان مخصوص عنصرن جي هجڻ بابت سوال تي نگران وزيراعظم چي?? ته اهي سازشي مفروضا آهن جن جي ڪري ملڪ هن حالت تائين پهتو آهي. نجڪاري جي لاءِ ماهر صلاحڪار مقرر ٿيو آهي ۽ بهترين طريقيڪار اختيار ڪيو پيو وڃي جنهن جي 50 سالن کانپوءِ به آڊٽ ٿي سگهندي. نگران وزيراعظم پنهنجي ا?? راءِ جو اظهار ڪي?? ته حڪومتون ڪاروبار ناهن هلائينديون.