اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)توانائيءَ واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته 57 سيڪڙو گهريلو صارفين جو گيس ٽيرف ناهي وڌايو ويو، ماهوار فڪسڊ چارجز 4 سؤ رپيا مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين صارفين لاءِ ٽيرف استعمال جي حساب سان ٿيندو ۽ ڀاڻ سازي جي صنعت لاءِ گيس جي قي??تن ۾ تمام گهٽ ??ضافو ڪيو ويو، ملڪ ۾ انڊسٽريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسابقتي ماحول پيدا ڪيو آهي. نگران وفاقي وزير سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي س??ن گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گيس جي قي??تن ۾ اضافو ??شڪل فيصلو هو پر گيس جي قي??تن ۾ هاڻوڪي اضافي س??ن پيٽروليم سيڪٽر جي گردشي قرضن ۾ اضافو رڪجي ويو آهي ۽ هاڻ گيس سيڪٽر ۾ نقصان نه ٿيندو. هن چيو ته گذريل 10 سالن کان گيس جي قي??تن ۾ اضافو ??اهي ڪيو ويو، گيس قي??تن ۾ اضافو ??لڪ جي مفاد ۾ ڪيو ويو، گيس جي قيمت خريد ۽ عوام کي ڏني ويندڙ قي??تن ۾ تمام وڏو فرق آهي، جيڪڏهن گيس جون قيمتون نه وڌايون ها ته هن سال 400 ارب رپين جو نقصان کڻون ٿا. هن چيو ته گهٽ گيس استعمال ڪندڙ 57 سيڪڙو گهريلو صارفين لاءِ گيس جي قيمت 1300 رپيا ٿيندي، حڪومت هاڻ به گهريلو صارفين کي 139 ارب رپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي، 93 سيڪڙو گهريلو صارفين کي هاڻ به گيس قيمت خريد کان سستي فراهم ٿيندي. توانائي واري وزير چيو ته ملڪ کي نقصان کان بچائڻ لاءِ گيس جون قيمتون وڌائڻيون پيون، گذريل ڪيترن ئي س??لن قيمتون نه وڌائڻ سبب اسان کي مجبور هاڻ وڌيڪ قيمتون وڌائڻون پئجي رهيون آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 10 سالن ۾ گيس جي وڏين ڪمپنين کي 879 ارب رپين جو نقصان ٿيو جڏهن ته پوري گيس سيڪٽر جو نقصان 2100 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته تندور وارن گيس ڪنيڪشنز ۾ واڌ ناهي ٿي ڇاڪاڻ ته ان سان عوام تي بار پوندو، تندورن لاءِ گيس جي مد ۾ 2 ارب رپيا سبسڊي ڏني پئي وڃي.انڊسٽريءَ کي گيس جي قيمت خطي جي ملڪن جي برابر هوندي، انڊسٽريز ۾ پُراڻن ۽ نَون ڪنيڪشنز لاءِ قي??تن ۾ فرق هو جنهن کي ختم ڪيو ويو آهي ته جيئن نئين انڊسٽري کي هٿي ملي. آبادگارن تي بار نه وجهڻ لاءِ فرٽيلائيزر سيڪٽر لاءِ گيس جي قيمتون ناهن وڌايون، ڀاڻ صنعت لاءِ 45 ارب رپيا سبسڊي هوندي. هن چيو ته جيڪو وڌيڪ گيس استعمال ڪندو ان جو اوترو ئي ريٽ وڌايو ويو آهي جڏهن ته 93 سيڪڙو صارفي ان اضافي بعد به گيس جي قيمت خريد کان گهٽ ??دا ڪندا. توانائي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي پاور ۽ پيٽروليم سيڪٽر بابت هدف مڪمل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 10 سالن کان گيس جي ذخيرن مان گهٽتائي اچي رهي آهي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ آر ايل اين جي گُهرائي ويندي آهي، ماضيءَ ۾ گيسن جي قي??تن ۾ واڌ ڪئي وڃي ها ته اڄ اضافو ??ه ڪرڻو پوي ها. هن چيو ته گيس جي قي??تن ۾ واڌ نه ڪئي وڃي ها ته گردشي قرض وڌي وڃن ها ان لاءِ قيمتون وڌائڻ اڻٽر هو. هن چيو ته گيس گُهرائڻ سان بل ۾ واڌ ٿئي ٿي ان لاءِ ان نقصان سبب بجيٽ خسارو به وڌي رهيو هو، گذري?? هڪ مهيني کان مهانگائي ڪنٽرول ۾ اچي رهي آهي، مستقبل ۾ جنهن قيمت تي گيس خريد ڪري رهيا آهيون ان تي وِڪرو ڪنداسين ۽ پراڻي ۽ نئين انڊسٽري لاءِ گيس جا اگهه برابر هوندا. توانائي واري وفاقي وزير تفصيل ٻُڌائيندي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ گيس جا ڪنيڪشن آهن، هڪ ڪروڙ گهرن ۾ 57 لک ڪنيڪشنز جو ٽيرف ناهي وڌايو ويو. هن چيو ته 57 سيڪڙو گهر مجموعي طور تي 31 سيڪڙو گيس استعمال ڪن ٿا ۽ 11 سيڪڙو ادائگيون ٿين ٿيون، امير طبقي جا ڪنيڪشن 3 سيڪڙو آهن، هو 17 سيڪڙو گيس استعمال ڪن ٿا، انهن جي بلنگ 39 سيڪڙو هوندي، هن چيو ته نَون ۽ـ پُراڻن صنعتن کي هڪجهڙن اگهن گيس مهيا ٿيندي.