لاهور – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملازمن تي ز??ر ڏنو آهي ته خدمتن جي فراهمي کي بهتر ۽ ملڪ ۾ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لڳاءُ ۽ عزم سان ڪم ڪن، هن باقي دنيا ??ان رفتار برقرار رکڻ جي لاءِ وقت ۽ تيز فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر پڻ زور ڏنو. نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 118 هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس (ايس ايم سي) ۽ 33 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس (اين ايم سي) جي ڪامياب گريجوئيٽس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلام هڪ ڪميونٽي تي ٻڌل مذهب آهي ۽ ان غريبن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن سان انتهائي همدرديءَ ڏيکارڻ تي ز??ر ڏنو آهي. صدر چيو ته هڪ سرڪاري ملازم کي عوام سان رابطو رکڻ گهرجي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ انهن تائين دستياب رهڻ گهرجي، ان اصول تي اسلام جي عظيم خلفاءِ عمل ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته سماج جي ڀلائي سرڪاري ملازم جي په??ين ترجيح هجڻ گهرجي. صدر سرڪاري ملازمن تي ز??ر ڏنو ته اهي اڳوڻن عظيم سرڪاري ملازمن جي نقش قدم تي هلن ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ منافقت ۽ ڪرپشن جي خلاف مزاحمت جو ذريعو بڻجن. صدر چيو ته قومي ترقي جي لاءِ جديد علم سان هم آهنگ رهڻ به ضروري آهي ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اين ايس پي پي ۽ اين ??ي يو جهڙن تربيتي ادارن جي ڪردار تي روشني وجهندي صدر چيو ته اهي ادارا سرڪاري ملازمن جي بهتر تربيت ڪري سگهن ٿا ۽ انتظامي ۽ گورننس جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن کي لاڳاپيل مهارتن سان ليس ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايس ايم سي ۽ اين ايم سي جي ڪامياب گريجوئيٽس ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.