اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اليونٿ ??يونيو منصوبي جي پيڙهه رکي ڇڏيو. 7.2 ڪلوميٽر جو اهو منصوبو ٻن مرحلن ۾ 16 ارب رپين جي لاڳت سان م??مل ٿي ويندو. وزيراعظم وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب سان گڏ اليونٿ ??يوينيو منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر حنيف عباسي، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي اليونٿ ??وينيو منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ??ڌايو ويو ته ان منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 4.20 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيوويندو، ان ۾ ٻه انٽرچينج ۽ ٻه فلائي اوور شامل آهن. ٽن ڦاڪن واري رستي تي 9 ارب رپيا لاڳت ايندي. پهريون مرحلو هڪ سال ۾ م??مل ٿيندو. ٻئي مرحلي ۾ ٽي ڪلوميٽر ڊگهو رستو تعيمر ٿيندو جنهن ۾ ٻه انڊر پاس ۽ ٻه انٽرچينج شامل آهن. ٻئي مرحلي جي م??مل ٿيڻ ۾ به هڪ سال لڳندو. اهڙي طرح اهو منصوبو ٻن سالن ۾ م??مل ٿيندو. ٻئي مرحلي تي 7 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان منصوبي تي ريلوي ٽريفڪ جنڪشن ۽ آءِ جي پي روڊ تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ڪيا ويندا. اليونٿ ??يوينيو تي خي??بان اقبال، ابن سينا، سري نگر هاءِ وي تي انٽرچينج ۽ فلائي اوور تعمير ٿيندا.