اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پ??وگرام (پي ايس ڊي پي) تحت نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري، 51 نئين ۽ بلٽ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي 3 اسڪيمن سميت سمورن منصوبن جي لاءِ مجموعي طو?? تي 157860.390 ملين رپيا ??کيا ??هن. ڪالهه جمعي ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي جي دستاويز موجب نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري منصوبن جي لاءِ 103375.614 ملين رپيا ??کيا ويا ??هن. آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي ٽن منصوبن جي لاءِ 10000 ملين رپيا ??کيا ويا ??هن. اهڙي طرح 51 نئين منصوبن جي لاءِ 44124.386 ملين رپيا ??کيا ويا ??هن. دستاويز موجب جاري منصوبن ۾ ڪاريڪ لنگهه ترقياتي پ??وگرام سيڙڪاري (ايشيائي ترقياتي بئنڪ) جي پيٽارو – سيوهڻ حصو (128) ڪلوميٽر منصوبن، پشاور – دره آدم خيل (36 ڪلوميٽر)، شڪارپور – رتوديرو (44 ڪلوميٽر) جي لاءِ 2500 ملين رپيا ??کيا ويا ??هن. شڪارپور – راجن پور اين 55 ڪاريڪ لنگهه جي اضافي ڪيرج وي جي تعمير جي منصوبي لاءِ 3500 ملين رپيا ??کيا ويا ??ه??. ح??درآباد – سکر موٽروي ايم 6 جي تعمير، سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي 69 ڪلوميٽر جا منصوبا شامل آهن.