اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??رڪ??ھ جي بزنس ڪميونٽي پاران پاڪستان ۾ ??ار?? شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ سٺو س??ئوڻ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهم ترڪ بزنس گروپن سان ملاقاتن دوران انهن پاڪستان ۾ زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي ضرورت تي روشني وڌي آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ ??رڪ??ھ وچ ۾ 31 مئي کان آپريشنل ٿيل شئين ۾ واپار جي تاريخي معاهدي سان بهترين موقعا پيدا ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ 3 سالن ۾ ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي کي 5 ارب ڊالر سالياني تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي ته ??رڪ??ھ جي بزنس ڪميونٽي پاڪستان ۾ ??ار?? شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.