اسلام آباد -03 جون (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير جي ترڪيه ۾ م??اقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ تعميراتي انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ دستياب موقعن ج?? ڳولا باري ۾ خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير پاڪستان ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن سان سڌو سنئون ڳالهين لاءِ جلدي پاڪستان ج?? دورو ڪندي. اطلاعات واري وزير چيو ته ان ج?? دوري جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ سهڪار لاءِ گڏيل منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪيه ۾ م??اقات دوران ايبرو اوزدمير گلوبل انجنيئرنگ گرلز (??ي اي جي) پر??جيڪٽ جي حوالي سان تفصيلن ج?? ڏي وٺ ڪئي. گلوبل انجنيئرنگ گرلز پر??جيڪٽ نيڪسٽ جنريشن بابت عورت انجنيئرز، ڇوڪرين ۽ عورتن ج?? تعليم، رهنمائي ۽ ڪيريئر جا موقعا فراهم ڪر?? جو منصوبو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ هي منصوبو تعليم، سائنس، ٽيڪنالا??ي انجنيئرنگ ۽ رياضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي تجربو فراهم ڪندو ۽ کين پنهنجو مستقبل بهتر بڻائڻ جي قابل بڻائيندو.