اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ ڪ??ششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي شهيدن کي وطن جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تعزيتي بيان موجب صدر ب??گيڊيئر مصطفيٰ برڪي ۽ ٻين سپاهين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خات??ي لاءِ قوم پنهنجي بهادر فوجين سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪندي شهيدن کي وطن جي لاءِ جانين جا نذرانا ڏيڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو.