اسلام ??باد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام ??باد جو نالو ت??وي?? ڪندڙ قاضي عبدالرحمان ا??رتسري جي خدمتن جو قومي سطح تي اعتراف ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان حڪومت جو ان سان ڪيل واعدو پورو ڪندي سي ڊي اي جي ت??وي?? تي ان جي وارثن کي پارڪ انڪليو اسلام ??باد ۾ پلاٽ جو الاٽمينٽ ليٽر پيش ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قاضي عبدالرحمان ا??رتسري جي پاڪستان جي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، اهڙيون قومون ڪڏهن ترقي ناهن ڪنديون جيڪي پنهنجي محسنن کي وساري ڇڏين. هن چيو ته اسلام ??باد کي اسلام ??باد جي سڃاڻپ ڏيندڙ اسڪول ٽيچر قاضي عبدالرحمان ا??رتسري کي قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم سي ڊي اي عملدارن کي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ باقي رهيل ڪارروائي مڪمل ڪري وارثن کي پلاٽ جو قبضو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا خاص طور تي حامد مير کي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ تي ساراهيو. وزيراعظم سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.