اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪ??ري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيد??ري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي، هن آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏنو ته اها ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿ??ري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي سينيٽ ۾ اڪثريتي اڳواڻ سينيٽر چڪ شومر جي قيادت ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ آمريڪي سينيٽ جي 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ سينيٽر ماريا ڪينٽ ويل، ايمي ڪلوبوچر، گيري پيٽرز، ڪيٿرين ڪورٽيز ۽ پيٽر ويلچ شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻي تعاون جي اهميت ۽ ان حصيد??ري کي مضبوط ۽ گهڻ رخو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني مٽاسٽا سياسي سطح تي هڪ ٻئي جي موقف کي سمجهڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گذريل سال سفارتي لاڳاپن جا 75 سال پورا ٿيا، اهو سفارتي سنگ ميل پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي مس??قبل جي حڪمت عملي جوڙڻ طرف هڪ اهم ??دم آهي. واپار، سيڙپڪ??ري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي اقتصادي حصيد??ري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم ??ل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان جي عوام سان تعاون ۽ يڪجهتي تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ افغانستان جي صو??تحال، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صو??تحال سميت گڏيل دلچسپي ۽ اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس تي زور ڏنو ته اها ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿ??ري ۽ ڀارت ۾ مسلمان مخالف انتهاپسندي جي وڌندڙ لهر جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. سينيٽر شومر وفد پاران وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي وسيع تر تعاون جي ذريعي مختلف رخن ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪم ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو.