انقره – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اڄ جمعي ڏينهن ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ ترڪيه جي شهر آديامان ۾ پاڪستان پاران موڪليل امدادي سامان کي ترڪ عملدارن جي حوالي ڪندو. وزيراعظم آديامان ۾ پاڪستان جي ريسڪيو ۽ ريليف ٽيمن سان ملاقات ڪندو ۽ جاري ريسڪيو آپريشن جو جائزو وٺندو. بعد ۾ وزيراعظم آڊيامان يونيورسٽي ۾ زلزلي سٽيلن سان ملاقات ڪندو ۽ انهن جي مدد لاءِ قائم سين??ر جو دورو ڪندو. وزيراعظم شهباز ش??يف ترڪ وزير ۽ عملدارن سان ملاقات ڪندو جتي انهن کي جاري امدادي سرگرمين تي تفصيلي بريف??گ ڏني ويندي.