اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته عوام کي بنيادي ضرورت جي شين جي بنا رڪاوٽ ۽ گهٽ قيمت تي فراهمي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اولين ذ??يواري آه??، ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت ٻين کاڌي پيتي جي شين جي ڪا کوٽ نه آه??، بنيادي شين جي درآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ترجيحي بنياد تي ختم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ بنيادي کاڌي پيتي جي شين جي دستيابي ۽ پرائيس ڪنٽرول جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽرين، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي چيف ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام کي بنيادي ضرورتن جي شين جي بنا رڪاوٽ ۽ گهٽ قيمت تي فراهمي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اولين ذ??يواري آه??. بنيادي کاڌي پيتي جي شين جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم ذخيره اندوازي جي خلاف سخ?? ڪارروائي ۽ ضرورت جي شين جي سپلائي چين کي برقرار رکڻ جي هدايت ??ئي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت ٻين بنيادي کاڌي پيتي جي شين جي ڪنهن به قسم جي ڪا کوٽ نه آه??. وزيراعظم وفاق ۽ صوبن کي ضرورت جي شين جي سپلائي چين کي برقرار رکڻ جي حوالي سان رابطن ۽ هم آه??گي بهتر بڻائڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظم چيو ته بنيادي ضرورت جي شين جي درآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم سپلائي چين کي موثر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ بهتري آڻڻ جي حوالي سان خصوصي ڪميٽيون قائم ڪرڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظم چيو ته رمضان دوران کاڌي پيتي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي ۽ سستا رمضان بازارن جي حوالي سان سمورا صوبا ۽ انتظامي يونٽس ايندڙ جائزه اجلاس ۾ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪن، رمضان بازارن ۾ قيمتن ۾ استحڪام جي حوالي سان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ??ئي ته رمضان بازارن ۾ سيڪيورٽي جا خاطرخواهه قدم ٿيڻ گهرجن. وزيراعظم پوري ملڪ ۾ بنيادي کاڌي پيتي جي شين جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ??ندي حڪم ڏنا ته ذخيره اندوزن جي خلاف سخ?? ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ضرورت جي شين جي سپلائي چين کي برقرار ??کي سگهجي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطن ۽ هم آه??گي بهتر بڻائڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظم کاڌي پيتي جي شين جي سپلائي چين کي موثر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ بهتري آڻڻ جي حوالي سان خصوصي ڪميٽيون قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ??ئي جن جو نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿي ويندو. وزيراعظم خصوصي هدايت ??ئي ته اهڙيون شيون جن جو استعمال رمضان دوران وڌي وڃي ٿو انهن جي آسان ۽ سستي اگهن تي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم بنيادي ضرورت جي شين جي درآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن هدايت ??ئي ته رمضان دوران کاڌي پيتي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي ۽ سستا رمضان بازارن جي حوالي سان صوبا ۽ انتظامي يونٽس ايندڙ جائزه اجلاس ۾ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪن. وزيراعظم وڏي آبادي وارن شهرن ۾ رمضان بازارن جو اگهه وڌائڻ جي پڻ هدايت ??ئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ڪا کوٽ نه آه?? ۽ عوام تائين ڪڻڪ، دالين، کاڄرو تيل سميت ٻين شين جي پهچ جي لاءِ مناسب قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاق پاران صوبن کي انهن جي ضرورت موجب ڪڻڪ مهيا ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شين جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙن جي خلاف سخ?? ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته صارفين کي بنيادي کاڌي پيتي جي شين جي سستي اگهن تي پهچ جي حوالي سان ڪجهه صوبن ۾ موبائيل فون ايپليڪيشنز جو استعمال ڪيو پيو وڃي.