ڊيره ا??ماعيل خان – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره ا??ماعيل خان سميت ڏکڻ خيبرپختونخواهه ??ي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جو پيڙهه ??و پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ڊيره ا??ماعيل خان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم چشما رائٽ بينڪ ڪينال جي بحالي، چشما رائيٽ بينڪ ڪينال لفٽ گهٽ گريوٽي ۽ چشما هائيڊل پاور پراجيڪٽ، ٽانڪ زام ڊيم، سي پيڪ جي اولهندي روٽ / موٽروي يارڪ – سگو سيڪشن ۽ گومل يونيورسٽي پهاڙپور ڪئمپس جي پيڙهه ??و پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم عبدال??يل 132 ڪي وي ۽ بند ڪورائي 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشنز، پيزو کان ٽانڪ روڊ ۽ ڊيره ا??ماعيل خان باءِ پاس جي بحالي، تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيل رستن جي بحالي جي ڪم جو پڻ افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا ??ضل الرحمان، خيبرپختونخواهه ??ي گورنر حاجي غلام علي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني سميت اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ علائقي جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.