اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پ??ڪس??ان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته چئلينجن جي باوجود قومي ٽيم ٽورنامينٽ جي دوران ليڊرشپ جو مظاهرو ڪي?? ۽ ??رلڊ ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪس??ان ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا، پ??ڪس??ان جي ليجنڊ ڪرڪيٽرز ۽ غيرملڪي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي باوجود اسان جي ٽيم ان عالمي ٽيمن جي خلاف سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جن کي ڪرڪيٽ جي اربين ڊالر جي معيشت سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته ٽيم جي رانديگرن جهڙي طرح راند هارائڻ جي باوجود هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي ڪئي، اها ذڪر جوڳي اهي، ٽيم جا اڪثر رانديگر جوان آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته اهي ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ ڪيتريون ئي فتح ڏياريندا. صدر چيو ته سڄي قوم پنهنجي ڪرڪيٽ جي ستارن جي شاندار ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿي. پ??ڪس??ان ۾ ڪرڪيٽ هڪ انتهائي مقبول راند آهي ۽ ٽيم جي سٺي ڪارڪردگي سڀني پ??ڪس??انين جي زندگين ۾ رنگ آڻي ٿي. ان موقعي تي پ??ڪس??ان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو ته تنقيد جو واحد جواب فتح آهي ۽ ان کي سدائين پسند ڪيو وڃي ٿو. پ??ڪس??اني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اها قوم جي حمايت هئي جيڪا ايتري وڏي ٽورنامينٽ ۾ هنن جي طاقت بڻي.