اسلام آب??د– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عورتن تي هر قسم جو تشدد انساني حقن ۽ وقار جي خلاف ورزي آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين مهذب ۽ جمهوري هجڻ ??ي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي جيستائين اهو عورتن تي ت??دد جي منفي طرز عمل کي رد نه ٿو ڪري. عورتن تي ت??دد جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عورتن جي خلاف ڪنهن به شڪل ۾ تشدد انساني حقن ۽ وقار جي خلاف ورزي آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين مهذب ۽ جمهوري نه ٿو ٿي سگهي جيستائين اهو عورتن تي ت??دد جي منفي طرزعمل کي رد نه ٿو ڪري. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ وچن ڪريون ٿا ته عورتن تي ت??دد جي رواج کي ختم ??رڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.