اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 80 لک ڪش??يرين تي قابض ڀارتي فوج والاريل علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتي تسلط خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال پهرين انهي ڏينهن ظالم ڀارتي سيڪيورٽي فورسز غيرقانوني طور تي ڄمون ڪش??ير ۾ لٿي. انجنيئر امير مقام چيو ته ڪش??يري پنهنجي ئي گهرن ۾ قيدي بڻجي ويا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڀارت جو غ??ر انس??ني فوجي گهيراءَ ۽ وحشياڻو ڏاڍ ۽ ڪش??يرين کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪري والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. انجنيئر امير مقام عالمي برادري تي زور ڀريو ته والاريل ڪش??ير ۾ معصوم ڪش??يرين خلاف انس??ني ??قن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڪش??يرين ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت طاقت جي وحشياڻي استعمال سان انهن جي عزم کي ٽ??ڙي نٿو سگهي. هن آزادي واري جدوجهد جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو.