اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ٿر پهچندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٿر جي دوري جي م??قعي تي وزيراعظم کي ٿر ڪول پراجيڪٽ تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ عورت ڊمپر ڊرائيورز سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم ٿر انرجي لميٽيڊ جي ڪنٽرول ??وم جو دورو ڪندو. ٿرڪول مائنز جي فيز ٽو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص ??همان طور شرڪت ڪندو ۽ تقريب کي خطاب ڪندو.