اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 133 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي س??مان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 14، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جون 14 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، روس، يونان ۽ اٽلي جي هڪ هڪ ۽ سعودي عرب جون 10 اڏامون امدادي س??مان کڻي پاڪستان پهچي ويون آه??. ا??ڊونيشيا مان به 2 اڏامون ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي س??مان کڻي هيستائين پاڪستان آيون آه??. ا??دادي اڏامن کانسواءِ ايرانمان 100 ٽن امدادي س??مان ٽرڪن ذريعي پاڪستان پهتو آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي س??مان پاڪستان موڪليو ويو آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي س??مان موڪليو ويو آهي. گڏيل عرب امارات ۽ اومان مان امدادي س??مان کڻي هڪ هڪ سامونڊي جهاز به پاڪستان پهتا آهن.