اسلام آباد-19 سيپٽمبر (ا?? پي پي)پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چ??ف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي خاص هدايتن ت?? پي اي ايف بيسز ۽ ريجنل ڪمانڊر رليف ۽ بحالي جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهي آهي. پاڪ فضائيه جي اهلڪار ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ، رهائش، صاف پاڻي ۽ طبي امداد جي بنيادي ضرورتن جي فراهميءَ ل??ءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي. خاص طور تي پاڪ فضائيه جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سول انتظاميه سان گڏجي سنڌ، ڪ?? پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي بخار کان بچاءُ جي مهم ۾ پيش پيش آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن ل??ءِ 4853 خيما، 416221 فو?? پيڪيجز، 3203.67 ٽن راشن ۽ 242824 ليٽر صاف پاڻي فراهم ڪيو آهي. پاڪ فضائيه 257 اُڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 1521 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو آهي.