اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ آمريڪي اداري يو ??يس ايڊ جي مدد سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيل ماڻهن ۽ آبادين لاءِ هنگامي انساني امداد جي فضائي ترسيل جو آغاز ڪري ڇڏيو ??هي. ان امداد ۾ زندگي گذارڻ لاءِ ضروري وسيلن سميت خوراڪ جي تياري ۽ مٿو لڪائڻ لاءِ 20 لک ڊالر ماليت جو سامان شامل آهي ۽ ان جي ترسيل جو عمل ايندڙ ڏينهن ۾ سڄي ملڪ جي 20 مختلف علائقن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، واضح رهي ته 2 سيپٽمبر تي يو ??يس ايڊ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊزاسٽرمينيجمينٽ ريسپانس ٽيم (ڊي اي آر ٽي) جوڙي هئي جنهن جو مقصد آمريڪي حڪومت طرفان ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ فرا??م ڪيل مدد جي رهمنائي هو، جنهن لاءِ آمريڪي فوج به تعاون ڪري رهي آهي، ياد رهي ته هنگامي انساني امداد جي فضائي ترسيلات سميت آمريڪا طرفان پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فرا??م ڪيل مجموعي امداد ٽي ڪروڙ 10 لک ڊالر آهي، آمريڪا کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري ٿيندڙ نقصانن تي ڏک آهي، اسان جي امدادي عطين ۾ هنگامي بنيادن تي گهربل خوراڪ، کاڌي جون شيون، مختلف مقصدن لاءِ گهربل روڪ رقم، پيئڻ جو صاف پ??ڻي، بهتر صفائي ۽ سٿرائي جي سامان ۽ مٿو لڪائڻ جي شين کي ترجيح ڏني پئي وڃي، اها امداد انساني زندگيون بچائڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور متاثر آبادين جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فرا??م ڪندي، آمريڪا مقامي حصيدارن ۽ پاڪستاني عملدارن سان گڏجي بحران جي نگراني جاري رکندو، پاڪستان جي عوام لاءِ آمريڪي حمايت اڻٽر آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ هنگامي امداد ۽ رسد پاڪستان لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري امريڪي امداد جو تسلسل آهي جنهن ۾ قدرتي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي تياري ۾ مدد لاءِ ترتيب ڏنل پروگرام به شامل آهن، جنهن ۾ مقامي آبادين ۽ سرڪاري اهلڪارن کي امڪاني آفتن بابت شروعاتي آگاهي ۽ منهن لاءِ صلاحيتن ۾ اضافي سان گڏوگڏ خوراڪ، معاشي تحفظ جي بهتري لاءِ روزگار جي وسيلن جي بحالي شامل آهي، هلندڙ سال ٻوڏ کان اڳ فرا??م ڪيل 30 لک ڊالرن جي مدد به انهي سلسلي جو حصو آهي، واضح رهي ته پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ آمريڪا جي مدد سان نوان تعمير ٿيندڙ اسڪول تازو تباهي سبب متاثر برادرين لاءِ پناهگاهن طور مددگار بڻجي رهيا آهن.