اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب ام??رات جي وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيا?? پاران مالي ام??اد جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو پاڪستان جي عوام سان ان جي بي لوث محبت ۽ انسانيت ??ي لاءِ درمندي جو ثبوت آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ايثار کي ڪڏهن فراموش نه ڪندي. ان کان اڳ گڏيل عرب ام??رات (يو اي اي) جي ثقافت، نوجوانن ۽ سماجي ترقي واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيا?? پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر مالي ام??اد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جيل اءِ انفرادي سطح تي ڏني ويندڙ شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيا?? پاران ڏني ويندڙ هيستائين جو سڀ کان وڏو عطيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي فراخدلاڻي مدد تي شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اهو ان جي پاڪستاني عوام سان بي لوث محبت ۽ انسانيت ??ي لاءِ درمندي جو ثبوت آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سندس ان جذبي کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي، ان سان ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي ۾ وڏي مدد ملندي. پاڪستاني عوام سان توهان جي محبت ٻنهي م??ڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن جي تاريخ جو سنهري باب آهي.