اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي تر??ما?? موجب پاڪ فضائيه جا ايئر بيسز مختلف ??وڏ سٽيل علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ وڌ?? چڙهي حصو وٺي رهيون آهن، تر??ما?? موجب انهن علائقن ۾ روجهاڻ، فاضل پور، ٿل، راجن پور، رسالپور، حيات آباد، تلهار، ميرپورخاص، سعيد آباد، نواب شاهه، اچ، عمرڪوٽ، علي پور، دوداپور، سکر، سيوهڻ، ڄامشورو، قلعه عبدالله ۽ نوشهره ڪلان شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 12617 مريضن جو طبي معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه انهن ضرورتمند خاندانن تائين پهچي رهي آهي جنهن جا گهر ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيا آهن، انساني همدردي تحت 4794 خشڪ راشن جا پيڪٽ، 8825 تيار کاڌي جا دٻا ۽ 705 پاڻي جون بوتلون به ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايون ويون.