اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿيندڙ گئس جي ذخيرن مان عوام کي گئس جي فو??ي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان فو??ي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پيٽروليم جي سربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پيٽروليم وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پيٽروليم وارو سي??ري??ري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي ضا??طو آڻڻ جي لاءِ اڳوڻي قبائلي علائقن مان دريافت ٿيل گئس فو??ي طور تي عوام کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه جي علا??قي بنون مان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا هئا. وزيراعظم اهي ذخيرا عوام کي گئس جي کوٽ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ات?? وزيرستان، بنون ۾ نئين دريافت ٿيندڙ ذخيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي گئس جي شعبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل علائقن جي عوام کي به دريافت ٿيل گئس جا ثمر فراهم ڪرڻ ۽ علا??قي جي ترقي، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت جي حوالي سان سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کيس آگاهه ڪيو وڃي ته جن علائقن مان گئس نڪتي آهي ات??ن جي عوام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.