اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪ??تا?? ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ??تا?? ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ جاپان جي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه هلندڙ سال ملهائي پئي وڃي. ان مناسبت سان خصوصي تقريبون منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته اهو پاڪ??تا?? ۽ جاپان جي خصوصي لاڳاپن جو اظهار آهي. جاپان سان پاڪ??تا?? جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺڻ وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي وزيراعظم واپار، ترقي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪ??تا?? ۾ سماجي ۽ اقتصادي ۽ ترقي جي شعبن ۾ بامعنيٰ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ جائيڪا (جي آءِ سي اي) جي جاري پروگرامن کي ساراهيو. پاڪ??تا?? ۾ ڪاروبار دوست موقعن جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ جاپان جي وڌيڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت جاپاني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. جاپان جي سفير واڊا جاپان جي پاڪ??تا?? سان ڊگهي مدي واري ٻطرفي تعاون جو ذڪر ڪندي گڏيل مقصد ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغان??تا?? مان جاپاني شهرين جي انخلا جي لاءِ پاڪ??تا?? پاران فراهم ڪيل سهولت کي پڻ ساراهيو. ويراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي جاپان جي وزيراعظم کي جلد پاڪ??تا?? جي دوري جي دعوت ڏني.