اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آه?? ته پوري قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آه??، يوم تڪبير پاڪستاني قوم لاءِ قومي غيرت، ??وم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آه??، اهڙن خيالن جو اظهار هن تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 28 مئي پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ناقابل فراموش ڏينهن آه??، ان ڏينهن ايٽمي ڌماڪن جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان جي خلاف جارحيت ڪندڙن جو انجام عبرتناڪ ٿيندو، ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪستان دشمن ملڪ ڀارت جي برتري جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، هن چيو ته ايٽمي صلاحيت پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آه??، سڄي قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آه??، تڪبير جو ڏهاڙو پاڪستاني قوم لاءِ قومي غيرت، ??وم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آه??، هن چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت هجڻ جي ڪري مسلما?? دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته قومي يڪجه??ي ايٽمي سياستدانن ۽ پاڪ فوج جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي ڪري پاڪستان کي هڪ ايٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ لاءِ قومي قيادت جي نه جهڪندڙ عزم کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.