اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان چيني ناظم الامور پينگ چنڪسو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. مملڪتي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان چي?? سان پنهنجي لازوال اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بن??ادي مسئلن ۽ ترقي جي ڏس ۾ چ??ن جي پراڻي حمايت کي ساراهيون ٿا. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان بي آر آئي جي اهم منصوبي سي پيڪ جي رفتار ۾ تيزي آڻڻ جو خواهشمند ??هي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز ۾ وڌندڙ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.