اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود چيو آهي ته پاڪستان قطر سان گڏيل دلچسپي جي سمور?? شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن قطر جي علائقائي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري ۽ قطر جي علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت معاون پرڏيهي وزير خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ گهڻ رخي پاڪ قطر لاڳاپن جو جائزو به ورتو. پرڏيهي سيڪريٽري ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمور?? شعب?? ۾ ??ڌيڪ تعاون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن علائقائي امن ۽ استحڪام خاص طور تي اف??ان امن عمل جي ڏس ۾ قطر جي تعميري ڪردار کي به ساراه??و. ??رڏيهي سيڪريٽري اف??ان عوام جي فوري انساني ۽ اقتصادي ضرورتن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته 40 سالن جي تڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ اف??انستان ۾ امن کي مستحڪم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي ۽ اسان کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي. قطر جي معاون پرڏيهي وزير اف??انستان ۾ انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ٺوس نتيجن تي پاڪستاني قيادت کي ساراه??و. ??ن 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پاڪستان کي مبارڪباد به ڏني، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود قطر جي معاون پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت پاران پاڪستان تي ميزائل فائر ڪرڻ جي تازي واقعي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، انهن حقيقتن تائين پهچ لاءِ گڏيل جاچ جي ضرورت آهي، هن چيو ته جتي پاڪستان صبر ۽ تحمل ۽ ذميداري جو مظاهرو ڪري رهيو آهي اتي ڀارت جو غير ذميواراڻو طرز عمل علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي.