اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? گرين ايرياز کي رهائشي ۽ واپاري علائقن ۾ بدلائڻ سان ۽ بنا منصوبابندي ۽ غير منظم شهري پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي متاثر ٿيندي، پنجاب حڪومت ٻوڏ جي ??طري وارن علائقن ۾ قائم غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي ??لاف ڪارروائي ڪري ڇو ته اهڙن علائقن ۾ هائوسنگ سوسائٽين سان عوام جي ??انين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. وزيراعظم عمران خان سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي) ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (آر يو ڊي اي) جي منصوبن تي اڳڀرائي جي ??ائزي اجلاس جي ??دارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ن??ڻي واري وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي ??اص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، هائوسنگ واري صوبائي وزير ملڪ اسد کوکر، بلديات واري وزير ميان محمود ال??شيد، پنجاب جي وڏي وزير جي ??لاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ جي ??ريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? حڪومت ماحولياتي لحاظ سان پائيدار ۽ منصوبابندي سان جديد شهرن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيڊ سرمائي کي ريوينيو پيدا ڪندڙ منصوبن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، حڪومت رهائشي ۽ واپاري ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ سرسبز علائقن جي ??حفظ لاءِ نئين شهري منصوبن جي لاءِ ماحول دوست طريقا اختيار ڪري رهي آهي، وزيراعظم سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سي بي ڊي ۾ 2 ڪمرشل پلاٽن جي نيلامي سان 57 ارب 88 ڪروڙ روپين جو رڪارڊ روينيو حاصل ٿيو، هن چيو ته حڪومت ڊيڊ سرمايو جيڪو سڄي ملڪ ۾ استعمال کانسواءِ پيل آهي ان کي پائيدار روينيو حاصل ڪرڻ جي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن پرڏيهي پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ت?? هو سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، هن پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي ت?? هو ٻوڏ جي ??طري وارن علائقن ۾ زمينن کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين جي ??لاف قانوني ڪارروائي ڪري ڇو ته ان سان عوام جي ??انين ۽ سرمائي کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. ان کان اڳ اجلاس کي سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن تي اڳڀرائي جي ??والي سان بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ پهرين ڊائون ٽائون نيلامي، پاور پلانٽ جي ??عمير، چار باغ، جوک، قومي پارڪ، روڊاڙ ٽيڪنالاجي پارڪ، اوورسيز پاڪستانين جا 10 هزار اپارٽمينٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن.