ا??لا?? آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان رشين فيڊريشن جي صدر ولادي مير پيوٽن جي دعوت تي سڀاڻي اربع ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روس روانو ٿيندو. و??ير??عظم سان گڏ ڪابينا ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب و??ير??عظم عمران خان روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل احترام، اعتماد ۽ عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي هڪ جهڙن نظرين جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ ملاقات دوران توانائي جي شعبي ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ ا??لا??و فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي آفيس موجب و??ير??عظم عمران خان جو دورو پاڪستان ۽ روس جي گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شع??ن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.