بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي جي ??اءِ گڏيل ڪوششون ??اري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ عالمي برادري تي فوري قدمن تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ سان بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال ۾ ملاقات ڪئي. اها وزيراعظم عمران خان جي آڪٽوبر 2019ع ۾ چين جي دوري کانپوءِ پهرين ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفي تعاون ??و تفصيلي جائزو ورتو ۽ خوشگوار ماحول ۾ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ 24 هين اولمپڪ سرمائي گيمز جي ڪامياب ميزباني تي چين جي ??يادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ چين جي ??ئين سال جي شروعات تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته چين پاڪستان جو ثابت قدم دوست، ڀروسي جوڳو حامي ۽ مضبوط ڀاءُ آهي، پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ??ي ٻڌل حصيداري سدائين آزمائش جو مقابلو ڪيو ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي ??يزن، خوشحالي، ترقي ۽ امن ۽ استحڪام جي گڏيل خواهش کي عملي جامعو پارائڻ جي ??اءِ گڏ بيٺل رهيا. وزيراعظم عمران خان چيني صدر کي عوام جي ??حور تي ٻڌل جيو اڪنامڪ سوچ ۽ ان جي حڪومت جي ??اڪستان ۾ پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زراعت ۾ جدت آڻڻ ۽ علائقائي رابطن بابت پاليسين کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ??اءِ چين جي تعاون ۽ مدد کي ساراهيو جنهن ۾ سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي مان فائدو کنيو ويو آهي. وزيراعظم سي پيڪ جي ??ئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي آجيان ڪئي جنهن جو محور انڊسٽريلائيزيشن ۽ عوام جي زندگي جي ??عيار ۾ بهتري آهي. وزيراعظم عمران خان چين جي صدر کي دنيا ۾ وڌندڙ قطبيت کان آگاهه ڪيو جنهن سان عالمي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي ??اءِ سنگين خطرا پيدا ٿيا آهن. هن موسمياتي تبديلي، صحت، قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجز کي پڻ اجاگر ڪيو جن سان رڳو گڏيل قومن جي ??نشور جي ??قصدن ۽ اصولن موجب سمورن ملڪن جي غيرمشروط تعاون کي منهن ڏئي سگهجي ??و، ان سلسلي ۾ هن چيني صدر جي بيلٽ اينڊ روڊ ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽيو کي ساراهيو جيڪو پائيدار ترقي ۽ هدفن جي ڪاميابي لاءِ گڏيل قدم قرار ڏنو وڃي ٿو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلسل ظلمن ۽ هندوتوا ذهنيت تي ٻڌل آر ايس ايس، بي جي ??ي جي اقليتن جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو جيڪو علائقائي امن ۽ استحڪام جي ??اءِ خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ??سلسل فوج ڪشيءَ علائقائي امن جي ??اءِ خطرو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ حصيداري خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سهارو آهي. هن چين پاران پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت، آزادي ۽ قومي ترقي جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان سمورن اهم معاملن تي چين جي ??ڪمل حمايت جي ??اڪستان جي عزم کي ورجايو. ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان سان خطي ۾ معاشي ترقي ۽ رابطن کي فروغ ملندو. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ افغانستان جي ??وري مدد ڪري. ٻنهي اڳواڻن صنعتي، خلائي ۽ ويڪسين جي ??راهمي سميت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن نئ??ن دور ۾ گڏيل مستقبل جي ??اءِ پاڪ چين ڪميونٽي جي تعمير جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.