فيصل آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت احساس پروگرام جي لاءِ 250 ارب رپيا رکيا آهن، اعليٰ ??عل??م جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، ملڪي ترقي جي لاءِ عورتن جو پڙهيل لکيل هجڻ ضروري آهي، چاهيون ٿا ته پڙهي لکي عورتون قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب رحمت للعالمين ﷺ اسڪالرشپ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ ??عل??م جي لاءِ اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، اسان چاهيون ٿا ته مردن وانگر عورتون پڙهي لکي قومي ڌارا ۾ اڳتي اچن. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته سمورا ??عل??مي وظيفا ميرٽ ??ي ڏنا پيا وڃن، اسڪلز فار آل تحت سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي فني تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي. فرخ حبيب چيو ته ڪ??مي??ب جوان پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ نوجوانن کي قرض ڏنا پيا وڃن ۽ نوجوان بنا گارنٽي جي 10 لک تائين ??و قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت ڪ??مي??ب جوان پروگرام جي لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن، ان پروگرام تحت 28000 ماڻهن کي اربين ??پين ??ا قرض جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪ??مي??ب جوان پروگرام تحت نوجوان گهر ويٺي روزگار حاصل ڪري سگهن ٿا. فرخ حبيب چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار 2 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، عورتن جو مجموعي ملڪي ترقي ۾ بنيادي ڪردار آهي.