رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان ماحول جي بهتري ل??ءِ 10 بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي، موسمياتي تبديلي جي چئل??نج کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پاڪستان ۽ آمريڪا کي گڏيل تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي، آمريڪا آءِ ڊي ايف سي جي ذريعي موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏي، پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي ??ان بچڻ جي ل??ءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماحوليات بابت آمريڪي خصوصي نمائندي جان ڪيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) سمٽ جي موقعي تي وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. پاڪستان حڪومت پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ان خطري کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمريڪي خصوصي نمائندي کي موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن کي درپيش چئلينجن بابت پنهنجي موقف ??ان آگاهه ڪيو ۽ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي سميت پاڪستان جي قدمن ۽ تجربن کي اجاگر ڪيو. ماحولياتي تبديلي ۽ ماحوليات تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان تازو ئي منعقد ٿيندڙ يو ايس پاڪستان ڪلائميٽ اينڊ انوائرمينٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ماحوليات بابت پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. آمريڪا جي خصوصي ايلچي جان ڪيري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جن کي گڏيل هم آهنگي جي شعبن بشمول آبهوا ۽ ماحوليات ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. هن موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو. آمريڪي انتظاميا پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان جان ڪيري وزيراعظم کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ بائيڊن انتظاميا پاران يو اين ايف سي سي سي ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي 26) ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ وسيع تر اتفاق ر??ءِ پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ کنيل مختلف قدمن ??ان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي خلاف گڏيل طور تي مفيد موقعن کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجي خيالن، تجربي ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ يو ايس انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن م اضافي جي امڪانن جو جائزو وٺي ته جيئن پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ سيڙپڪاري ڪري سگهجي. آمريڪي خصوصي نمائندي چيو ته انهن شعبن ۾ تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي ۽ هن متبادل ذريعن سان بجلي جي پيداوار جي منصوبن سميت ٻطرفي تعاون جي موقعن جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ان سلسلي ۾ تعاون جي موثر فريم ورڪ جي تياري جي ل??ءِ اڳتي جي قدمن جي تعين جي ل??ءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي ل??ءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جو قيام ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي ??ان بچڻ جي ل??ءِ عالمي برادري کي عملي طور تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته افغان عوام جي ڀلائي جي ل??ءِ مثبت رابطن ۽ اقتصادي وسيلن ۽ مالياتي اثاثا جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.