اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي بنياد بڻائي ائين پروپئگ??ڊه ٿي رهي آهي جيئن اسان دنيا کان ڪنهن جدا سياري تي آهيون، جيڪڏهن دنيا ۾ تيل، گئس جون قيمتون مٿي وينديون ته پاڪستان ۾ قيمتون مٿي وينديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلي سگهي، اڄ قيمتون مٿي آهن سڀاڻي گهٽ ٿي وينديون ته هتي به گهٽ ٿي وينديون. هن چيو ته هڪ قوم وانگر مشڪلاتن کي منهن ڏينداسين. وفاقي وز??ر چيو ته معاشي مشڪلاتون عارضي آهن، انڊسٽري، زراعت ۽ تعميرات جا شعبا تاريخي منافعو ڪمائي ??هي?? آهن. هن چيو ته پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون آهن، پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪري، آمدني ۽ روزگار ۾ اضافو مهانگائي جو ٽوڙ آهي.