اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سيلووينيا جي پرڏيهي وزير اينزي لو??ار سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ??ٽا??ٽا جي ذريعي گڏيل رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، پرڏيه?? آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه ??حم??د قريشي چيو ته سيلو وينيا يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، پاڪستان سيلو وينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پرڏيهي وزير يورپي يونين جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي سيلو وينيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت اجتماعيت جي حامل هوندي، پاڪستان گڏيل ذميداري تحت افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان ۾ امن جي قيام جو فائدو سڄي خطي کي هڪجهڙو ٿيندو. شاهه ??حم??د قريشي چيو ته حالتون بگاڙ جو شڪار ٿيون ته سڀ متاثر ٿيندا، پاڪستان افغانستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جو حامي آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ امڪاني انساني ۽ اقتصادي بحران کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي افغانين جي مدد لاءِ موثر قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل رابطن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير شاهه ??حم??د قريشي افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ ايس سي او سمٽ جي موقعي تي ايس سي او ۽ سي ايس ڊي او جي وفدن جي سربراهن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان سيلو وينيا جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي رهواسين ۽ عالمي ادارن سان تعلق رکندڙ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي، پرڏيهي وزير لو??ار عالمي انخلا جي ڪوششن کي آسان بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مثب?? ڪردار جي واکاڻ ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سيلو وينيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ??ٽا??ٽا جي ذريعي گڏيل رابطن ۽ علائقائي مسئلن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.