اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي پاڪستان طرف??ن عوام کي انساني بنيادن تي نهايت ضروري مدد جي فراهمي لاءِ گڏيل قومن جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته پائيدار ترقي کي يقيني ??ڻائڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ افغانستان ۾ سياسي استحڪام ۽ امن گهربل آهي. امن ان وقت تائين مستحڪم ۽ پختو نه ٿو ٿي سگهي جيستائين افغانستان کي پيش معاشي ۽ مالياتي گنجائش فراهم نه ٿي ٿئي. افغانستان ۾ انساني صورتحال تي اعليٰ سطحي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته مسئلا ڏکيا آهن، افغانستان ويجهو هڪ ڪروڙ 80 لک عوام کي ان صورتحال ۾ انساني بنيادن تي امداد جي اشد ضرورت آهي. هن چيو ته هن اهم ۽ نازڪ مرحلي تي افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ مالي ۽ سياسي حمايت ٻئي شامل آهن. هن وقت ترقياتي شراڪت??ار?? جي ضرورت آهي. قوم جي تعمير ۾ حمايت گهربل آهي. افغان آبادي جي انساني بنيادن تي گهربل ضرورتن کي پورو ڪرڻو پوندو. پائيدار حل جي گهرج آهي ته ترقياتي منصوبا آندا وڃن، روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ خوراڪ، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن کي افغ??ن عوام تائين رسائي کي يقيني ??ڻائجي. پرڏيهي وزير چيوته افغانستان جي اندر انساني صورتحال تي توجهه ڏيندي اسان کي لکين انسان افغانين کي نه وسارڻ گهرجي جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪيو ويٺا آهن جن جي لاءِ گذريل سالن ۾ عالمي امداد م گهٽتائي آئي آهي. عالمي ذميواري جي اصول ۽ وزن کڻڻ ۾ حصيدار تحت پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن خاص طور تي ڪورونا جي موجوده شڪل جي صورتحال دوران حمايت ۽ مدد ڪئي وڃي. هن چيو پاڪستان پنهنجي حصي طور افغانستان ۾ انساني بنيادن تي ڪوششن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مدد ڪندو آيو آهي جن ۾ بين الاقوامي ا??ار?? جي عملي جي نيڪالي، ۽ ٻئي هنڌ منتقلي ک??ن علاوه فضائي ۽ زميني ??ستن سان خوراڪ ۽ امداد جي فراهمي لاءِ انساني بنيادن تي راه??ار?? جو قيام شامل آهي. اسان هوائي جهازن ذريعي افغانستان کي کاڌي ۽ دوائن جي انساني بنيادن تي فراهمي جو سلسلو اڳ ئي شروع ڪري چڪا آهيون. هي سلسلو زميني ??ستن زريعي جاري رهندو. پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان 30 لک کان وڌيڪ افغان مهاجرين جي ميزباني ??اري رکيو پيو اچي. اسان هڪ ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ رقم افغانستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن لاءِ رکي آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي ڇٽي هيٺ افغ??ن عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ مدد جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا جنهن ۾ مختلف قسمن جي معاونت سامل آهي اسان اچ وڃ ۽ پاڪستان کان رستي جي فراهمي ذريعي گڏيل قومن جي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري پڻ جاري رکنداسين.