اسلام آباد_12 سيپٽمبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه ??حم??د قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، ڊنمارڪ جي حڪومت پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي،مخدوم شاه ??حم??د قريشي چيو ته پاڪستان، ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ انهن کي ??ڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن پنهنجي ڊنمارڪ جي هم منصب کي افغانستان سان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن کي ????فو?? طريقي سان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي مدد کان آگاه ڪيو، ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ ڪابل مان ڊنمارڪ جي شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد جي فراهمي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاه ??حم??د قريشي جو شڪريو ادا ڪيو، شاه ??حم??د قريشي ڊنمارڪ جي حڪومت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري کي ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري، ان موقعي تي هن پنهنجي هم منصب کي ??اڪستان جي سر??اري دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي ??ن شڪريو ادا ڪندي قبول ڪيو ۽ جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اشارو ڏنو، جڏهن ته هن پڻ مخدوم شاه ??حم??د قريشي کي ڊنمارڪ جي دوري جي دعوت ڏني.