اسلام آباد – 05 آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم ٽائٽ گئس جي پاليسي کي سيپٽمبر جي آخر تائين حتمي شڪل ڏيڻ جي هد??يت ڪئي آهي. هن اها هد??يت ملڪ ۾ گئس جي ذخيرن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ و??اق?? وزير شوڪت فياض ترين، حماد اظهر، اسد عمر، خاص مددگار تابش گوهر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٽائٽ گئس جي موجوده وسيلن جي صلاحيت تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٽائٽ گئس جي وسيع ذخيرن جي موجودگي جو امڪان آهي، جنهن سان درآمد ٿيل مهانگي ايل اين جي تي مڪلي ضرورتن جو دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظم سيپٽمبر جي آخر تائين ٽائٽ گئس جي پاليسي تي نظرثاني ڪري حتمي شڪل ڏيڻ جي هد??يت جاري ڪئي.